شاهه بيگ ارغون

شاهه بيگ ارغون: شاهه بيگ بن امير ذوالنون بن مير حسن بصري. هي پنهنجي پيءُ جي قتل کانپوءِ قنڌار جو حاڪم بنيو. امير ذوالنون توڙي شاهه بيگ، هرات جي والي مرزا حسين بايقرا جي نائب طور قنڌار ۾ ڪم ڪيو. حسين بايقرا 911هه/ 1505ع ۾ فوت ٿيو. تڏهن مرزا شاهه بيگ آزاد حاڪم ٿي ويو. ابتدا ۾ ارغونن کي محمد خان شيبانيءَ به تنگ ڪيو، پر ان جي مارجڻ کانپوءِ هنن سک جو ساهه کنيو. مرزا حسين بايقرا جي دور ۾ ارغونن، قنڌار کان اچي شال تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ڄام نندي جي حاڪميت ۾ رهندڙ ’سبي‘ شهر تي به حاوي ٿي ويا. ڄام جي حڪم تي سن 895هه/ 1495ع ۾، دريا خانسبي‘ تي حملو ڪيو. خونريز جنگ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو ۽ هي شهر وري ڄام جي حاڪميت ۾ اچي ويو. جيسين ڄام نندو زندهه هو، تيسين ارغونن وري سبيءَ تي حملو نه ڪيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 113- 144). ڄام نندو 914هه/ 1508ع ۾ فوت ٿيو ته سنڌ جو سلطان ڄام فيروز بنجي ويو. هن جي دور ۾ ملڪ جون حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿيون ۽ ظاهر ۾ ڪمزوريءَ جا آثار پيدا ٿيا. ان دور ۾ مرڪزي ايشيا ۾ ٻه مضبوط طاقتون اڀريون. هڪ طرف 907هه/ 1501ع ۾ شاهه اسماعيل صفوي ايران ۾ خانداني بادشاهت قائم ڪري، طاقتور بادشاهه ٿي اڀريو. ٻئي طرف بابر 918هه/ 1512ع ۾ ازبڪن هٿان آخري ڀيرو شڪست کائي، اچي ڪابل تي مستقل قبضو ڪيو (تاريخ ايران، جلد دوم، ص 320). ان پس منظر ۾ شاهه بيگ ارغون سخت پريشان ٿيو. ٻنهي طاقتن جي خوف کان هن سوچ ويچار ڪري، سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ان مقصد لاءِ ارغونن سنڌ بابت معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ياد رهي ته پريشانيءَ جو وڏو سبب هي به هو ته، بابر بادشاهه ۽ ايران جي اسماعيل صفويءَ ۾، اٿندي ئي سٺا تعلقات ٿي ويا. شاهه بيگ ارغون کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ، ڄام فيروز جي ماءُ به قنڌار وڃي دعوت ڏني. هي واقعو 922هه/ 1516ع ۾ پيش آيو. ان بعد ارغونن تجربي طور ڪوٽ ماڇي، چانڊڪا پرڳڻي ۽ ڪجهه ٻين علائقن تي حملا ڪيا. ارغونن باغبان جي علائقي جي ’ڳاها‘ نالي ڳوٺ کي به حملي هيٺ آندو. هن حملي ۾ وڏي ڦرلٽ ڪيائون ۽ هڪ هزار اُٺ به ڪاهي ويا، جيڪي رات جي وقت، باغن جي نارن ۾ وهندا هئا. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 150- 152)
سن 926هه/ 1520ع جي عرصي ۾، شاهه بيگ ارغون سنڌ تي باقاعدي حملو ڪيو. پاڻ شال، فتح پور، گنجابي ۽ سبيءَ جو بندوبست ڪري، چونڊ بهادر ساٿي وٺي سنڌ طرف وڌيو. هو جڏهن باغبان کان ٽَپيو، تڏهن دريا خان جي پُٽن مقابلي جي تياري ڪئي. پر ارغونن مقابلي کان ٽارو ڪندي ٺٽي پهچڻ کي اهميت ڏني. لڪي جبلن جو پاسو وٺندي، نيٺ حملي آور ٺٽي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڄام فيروز حملي جو ٻڌي ڪناره ڪش ٿي ويو. سنڌ جو سورهيه سپاهي درياخان، زبردست لشڪر سان ارغونن جي مقابلي لاءِ نڪتو. هي معرڪو 11 محرم 927هه/ 22 ڊسمبر 1520ع تي ٺٽي جي ٻاهران ٿيو. سڄو ڏينهن سخت جنگ هلندي رهي. مير معصوم لکيو آهي ته، نيٺ امير شاهه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياهه ٽپي ڀڄي ويو. دريا خان هڪڙي تنگر بردي قبتاش نالي ارغون جي هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. ارغونن جي فوج 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندي، لٽيندي ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندي رهي (معصومي، ص 154). دريا خان جي شهادت بابت هڪ ٻيءَ راءِ موجب: ارغونن پنهنجي سوڀ نه ڏسي، صلح جي بهاني دريا خان کي گهرائي قيد ڪيو ۽ پوءِ کيس قتل (شهيد) ڪري ڇڏيو (مڪلي نامه، ص 90). ان طرح ارغون سنڌ کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڄام فيروز ٺٽو ڇڏي وڃي پير پٺي وٽ پناهه گزين ٿيو. بعد ۾ وڪيلن جي معرفت جان جي امان طلبي، شاهه بيگ ارغون وٽ پيش ٿيو. ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو. ملڪ کي تقسيم ڪيو ويو. سيوهڻ کان سمنڊ تائين ملڪ ڄام فيروز کي مليو. اتر سنڌ (سيوهڻ) کان سبيءَ وارو علائقو ارغونن پنهنجي هٿ ۾ رکيو.
هاڻي شاهه بيگ سيوهڻ پهتو. اتي مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي مقرر ڪيائين. سلطان محمود کي بکر جي نظامت ملي. سيوهڻ جا سهتا، سوڍا ۽ سمان ارغونن جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا. مخدوم بلال ارغون مخالف تحريڪ جو سرواڻ هو. قاضي قادن کين صلح جو مشورو ڏنو، پر هن کي ڪاميابي نه ٿي. دريا خان جي پٽن: ميان محمود، موٽڻ خان ۽ ڄام سارنگ ويڙهه لاءِ تياري ڪئي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٽلٽيءَ ۾ جنگ ٿي. ارغونن ظلم جي حد ڪئي ۽ مخالفن کي بي درديءَ سان ڪچليو. سنڌي لشڪر وڏي تعداد ۾ مارجي ويو. جيڪي بچيا اهي مختلف طرفن ڏي ڀڄي نڪتا. ارغون ٽي ڏينهن ٽلٽي ۽ آسپاس ۾ جنگي ڪاررواين ۾ مصروف رهيا. مؤرخن اهل سنڌ پاران هن مقابلي جي هن ريت تعريف ڪئي آهي: “انهيءَ جنگ ۾ سوڍن عجيب لڙائي ڪئي، ۽ مقابلي جي ميدان ۾ ڏاڍي مڙسي ڏيکاري، ۽ بيهڪ ڪري، انهن مان گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رنمل سان گڏ ڪُسي ويا.”
شاهه بيگ جيترو به وقت ملڪ جو (اڌ سنڌ) حاڪم رهيو، تمام پريشانيءَ جي حالت ۾ رهيو. هڪ طرف سنڌي ماڻهن کي ماري مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ٻئي طرف بابر جي قنڌار ۾ موجودگي به هن لاءِ تمام ڏکي صورتحال کي جنم ڏنو. ٽلٽيءَ جي معرڪي کان پوءِ پاڻ سبي ۽ شال طرف هليو ويو. ان وقت گجرات مان ڄام صلاح الدين ٺٽي هٿ ڪرڻ لاءِ لاڙ جي علائقي ۾ ظاهر ٿيو. اهڙو اطلاع شاهه بيگ کي مليو ته هو واپس ورڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. البت پنهنجي پٽ شاهه حسن ارغون کي حڪم ڏنائين ته ڄام فيروز جي مدد لاءِ اڳتي وڌيو. جوڻ جي شهر وٽ مقابلو ٿيو. ڄام صلاح الدين جي مقابلي لاءِ ڄام فيروز ۽ شاهه حسن ارغون گڏ هئا. جنگ ۾ صلاح الدين ۽ سندس پٽ هيبت خان مقابلو ڪندي مارجي ويا. ارغونن معرڪو کٽيو ۽ ڄام فيروز تختگاهه ٺٽي موٽي آيو. ان دوران شاهه بيگ ارغون شال مان موٽي باغبان پهتو، جتي شاهه حسن به هن سان مليو. هن علائقي ۾ ماڇين بغاوت ڪئي ته ارغونن انهن خلاف سخت قدم کنيا. شاهه بيگ باغبان، ٽلٽي ۽ سيوهڻ ۾ ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ، بکر ڏانهن روانو ٿي ويو. بکر جي علائقي ۾ مختلف قبيلن، ارغونن سان معرڪن جي تياري ڪئي. ان ڏس ۾ ڏهر، ڌاريجا ۽ مهر قبيلا ويڙهه لاءِ منظم ٿي رهيا هئا. سلطان محمود ۽ هن جو والد مير فاضل ڪوڪلتاش، سنڌي مار مهم ۾ سڀ کان اڳتي هئا. قاضي قادن به حملي آورن جو خاص صلاحڪار ۽ مددگار رهيو. جنگ ۽ سرڪشيءَ جو هڪ واقعو هن ريت بيان ڪيو ويو آهي. ڌاريجن هڪ مرحلي تي قلعي ۾ گهڙي سلطان محمود کي قابو ڪري مارڻ جو فيصلو ڪيو، مگر رٿا ظاهر ٿيڻ ڪري ناڪام رهيا. تڏهن مير فاضل ستيتاليهه ڌاريجا سردار گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي آيو. ستاويهن کي موقعي تي سزا ڪرايائين. باقي بچيلن جو معاملو شاهه بيگ جي آڏو پيش ڪيو ويو. قاضي قادن جي مشوري تي انهن کي رات جو قتل ڪري، بکر جي قلعي کان درياهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو. اهو برج جتان کين درياهه ۾ اڇليو ويو، سو پوءِ ‘خوني برج’ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص 161- 162)
شاهه بيگ ارغون هڪ سال بکر ۾ رهيو. قلعي جي نئين سر اڏاوت لاءِ، قديم اروڙ جي قلعي کي ڊهرائي، اتان سرون ڪڍڻ جو حڪم ڏنائين. ان ڪري اروڙ جي مقامي ماڻهن کي گهڻي تڪليف آئي. بکر جو نئون قلعو تعمير ٿيو ته مختلف جايون پنهنجن خاص ماڻهن ۾ تقسيم ڪري، اصل مالڪن کي ڪوٽ مان نڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ان دور ۾ کيس بلوچي ڳوٺن ۾ بغاوت جا اطلاع مليا. تڏهن حملو ڪري ٻائيتاليهه ڳوٺ ويران ڪري بي شمار ماڻهو قتل ڪرايائين. ان وقت بابر قنڌار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هو. آخرڪار ارغونن شوال 928هه/ سيپٽمبر 1522ع ۾، قنڌار جو قبضو بابر کي ڏنو. بابر ڪابل ۽ قنڌار حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مرڪزي ايشيا سان واسطا ختم ڪري، هندستان تي حملي جي تياري شروع ڪري ڏني. تڏهن شاهه بيگ ارغون اميرن کي چيو ته، بابر هندستان وٺڻ کان پوءِ اسان کان سنڌ جو ملڪ به ڦري وٺندو. ان ڪري بهتر آهي ته پاڻ متبادل طور گجرات ملڪ کي فتح ڪريون، ته جيئن ڏکي گهڙي اچڻ وقت سنڌ کي ڇڏي اتي (گجرات) هلي پناهه وٺون. نيٺ گجرات جي مهم جي تياري ڪري نڪتا. بکر ڇڏي اڳتي وڌيا ته مير فاضل بيمار ٿي پيو. کيس بکر وڃڻ جي اجازت ملي، پر تمام جلد سندس موت جو اطلاع آيو. شاهه بيگ بکر واپس پهچي سلطان محمود سان عذرخواهي ڪئي. ان بعد بکر کان گجرات جي فتح لاءِ نڪتو. رستي ۾ هئا ته پڪو اطلاع مليو ته بابر بادشاهه، هندستان جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. شاهه بيگ بکر کان ايندي منزلون ڪندو، هڪ موقعي تي اچي ‘اگهم ڪوٽ’ جي ڀرسان ديرو ڪيو. رات جي وقت کيس ڇاتيءَ ۾ تڪليف ٿي، جنهنڪري هو اچانڪ فوت ٿي ويو. مير معصوم موجب هو 22 شعبان سن 928هه/ 27 جولاءِ 1522ع ۾ فوت ٿيو ۽ ‘شهر شعبان’ شاهه بيگ جي وفات جي تاريخ آهي (معصومي، سنڌي، ص 167). جڏهن ته نئين تحقيق موجب هي واقعو 22 شعبان 930هه/ 26 جون 1524ع ۾ ٿي گذريو (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 490). تعزيتي رسمن کانپوءِ شاهه بيگ جو لاش بکر موڪليو ويو، جتي کيس امانت طور رکيو ويو. ٽن سالن کانپوءِ هن جو لاش ڪڍي صندوق ۾ وجهي، مڪي شريف کڻي وڃي هميشه لاءِ دفن ڪيائون. شاهه بيگ ارغون سنڌ کي فتح ڪيو ته ان کي برو شگون سمجهندي، مير قانع واقعي کي ‘خرابي سند’ سان تعبير ڪيو. سندس دور اهل سنڌ لاءِ تڪليفن ۽ مصيبتن وارو گذريو. هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو قتل ۽ دربدر ٿيا. سنڌ جو ملڪ ٻن صدين لاءِ غلام ٿي ويو. البت مرڪزي ايشيا جي ٻين حاڪمن وانگر، شاهه بيگ ارغون به علم پرور ۽ علم دوست بادشاهه هو. هن جي درٻار عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان ڀريل هوندي هئي. خود به شعر چوندو هو. اهڙو احوال ڪتاب ‘روضة السلاطين’ ۾ ملي ٿو، جو سيد حسام الدين راشديءَ شايع ڪيو آهي.


لفظ شاهه بيگ ارغونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1522.07.27  عيسوي

شاهه بيگ بکر کان ايندي منزلون ڪندو، هڪ موقعي تي اچي ‘اگهم ڪوٽ’ جي ڀرسان ديرو ڪيو. رات جي وقت کيس ڇاتيءَ ۾ تڪليف ٿي، جنهنڪري هو اچانڪ فوت ٿي ويو. مير معصوم موجب هو 22 شعبان سن 928هه/ 27 جولاءِ 1522ع ۾ فوت ٿيو ۽ ‘شهر شعبان’ شاهه بيگ جي وفات جي تاريخ آهي (معصومي، سنڌي، ص 167).



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهداد زرداري
ٿانور ڀٽي
مير ابوالمڪارم شهود سبزواري
پيرل پياسي
تان سين
فاروق سولنگي
بوعلي سينا
صورت سنڌي
شمس الدين گونگو نظاماڻي
دادوي غلام مصطفيٰ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون